استاد احمد علي ٻرڙو

استاد احمد علي ٻرڙو

استاد احمد علي ٻرڙو

استاد احمد علي ٻرڙو: قنبر شهر جو مشهور فنڪار ۽ ڪئليگرافر احمد علي ولد الله ڏنو خان ٻرڙو، 1914ع ڌاري، نور شاهه محلي، قنبر ۾پيدا ٿيو. کيس ڪلاسيڪل موسيقي جو گهڻو شوق هو، جنهن ڪري هن مختلف ساز، ڪلارنيٽ، اوبو ڪلارنيٽ، هارمونيم ۽ سِتار وغيره وڄائڻ سکيا. سازن تي مهارت رکڻ ڪري قنبر نواب شاهه، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ شهداد ڪوٽ ۾ ڪيترن اسٽيج ڊرامن جي موسيقي ترتيب ڏيندو هو. کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو به شوق هو، جنهنڪري جوانيءَ ۾ ڀارت به ويو، جتي بمبئي، دهلي ۽ ڪلڪتي مان گهمي آيو. پنهنجي ان شوق سبب مهراڻ سئنيما قنبر ۾ گيٽ ڪيپر ۽ مئنيجر طور به ڪم ڪيائين. استاد احمد علي ٻرڙي کي خوشخطيءَ ۽ پينٽنگ جو به ڏانءُ هو. هو قنبر جي سئنيمائن جي بورڊن جي لکائي (ڪئليگرافي) ڪندو هو. سندس وفات دل جي دوري سبب جون 1965ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو